SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Nation State

(click word to listen sound
  • 🔊
  • næʃən
  • steit
  • fedərəlsteit
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Nation State

نيشن اسٽيٽ

قومي رياست

هڪ بااختيار ۽ خودمختيار سياسي ايڪو ، جنهن کي رياستي ۽ جاگرافيائي وجود هجي ، ان کي ’قومي رياست‘ سڏيو ويندو آهي . قوم کي فقط ثقافتي يا نسلي وجود هوندو آهي ، پر ’قومي رياست‘ مطابق ڪو به مخصوص علائقو ٻنهي ، يعني جاگرافيائي ۽ سياسي (توڙي ثقافتي ) لحاظ کان بااختيار ۽ فيصلن ڪرڻ ۾ آزاد آهي . جديد قومي رياست جو بنياد ٽن اصولن خود مختياري (Sovereignty) ، علاقائي سالميت (Territorial Integrity) ۽ قانوني برابري (Legal Equality) تي بيٺل آهي . ’خود مختياريءَ‘ ذريعي ڪنهن به رياست جا قانون جوڙيندڙ ادارا ۽ حڪومت قانون/پاليسيون جوڙڻ ۽ انهن کي لاڳو ڪرائڻ ۾ آزاد هوندا آهن ، مٿن ڪنهن به قسم جو ٻاهريون دٻاءُ نه هوندو آهي . ’علائقائي سالميت‘ مطابق ڪنهن به ٻاهرين قوت کي اها اجازت نه هوندي ، ته اها ڪنهن به قومي رياست جي علائقي تي طاقت جي زور تي قبضو ڪري ڇڏي . منجهانئن ڪن رياستن ۾ ڪا اڻبڻت هجڻ جي صورت ۾ سڀ معاملا سفارتڪاريءَ ۽ مذاڪرات ذريعي حل ڪيا ويندا . جڏهن ته’قانوني برابريءَ‘ ذريعي دنيا جي ننڍين توڙي وڏين قومن جي حيثيت هڪ جيتري هوندي ۽ عالمي برادريءَ ۾ سندن حقن کي علائقي ، آباديءَ، فوجي سگهه ، معاشي وڏائيءَ ۽ ذريعن وغيره جي بنياد تي طئي نه ڪيو ويندو . ’قومي رياست‘ جي ابتدا ’ويسٽفيليائي معاهدي‘ (1648ع) سان ٿئي ٿي ، جڏهن يورپ جي حاڪمن هڪٻئي جي رياستي سرحدن جو قيام عمل ۾ آند ۽ رياستي معاملن ۾ پوپ يا رومي بادشاهن جي مداخلت کي رد ڪري ڇڏيو . ان کان سواءِ يورپي حاڪمن اهو به طئي ڪيو ته مستقبل ۾ سڀ اختيار رياست ۽ ان جي حاڪمن کي حاصل هوندا ۽ اهي قومي وسيلن ۽ آباديءَ کي ملڪي مفادن موجب استعمال ڪري سگهندا . ان تسلسل ۾ ’قومپرستيءَ‘ جو جذبو جوان ٿيو ۽ ان رياستي سرشتي کي قومي مفادن سان اڃا وڌيڪ سلهاڙي ڇڏيو .


Related words with: Nation State


Remember Me Also:

ڊهون ڏيڻ

ڪاهون ڪرڻ ، سَٽون ڏيڻ ، زورَ ڏيڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal